اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي س?? سي) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي آر ايل اين جي سان هلندڙ سي اين جي اسٽيشنن کي نوان لائيسنس جاري ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ ايس اين جي پي ايل کي اوڳاڙين ۾ اڳوڻي شارٽ فال جي ريڪوري ۽ سردي جي ايندڙ موسم ۾ آر ايل اين جي جي ڊائيورزن ذريعي گهريلو ۽ ڪمرشل شعبن جي لاءِ گئس جي انتظام ۽ انصرام جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي آهي، اي س?? سي ڪڻڪ جي وڌيڪ خريداري جي لاءِ ڪڻڪ جي ق??مت جي حوالي سان روس جي حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ ناڻي واري س??ڪريٽري، واپار واري س??ڪريٽري ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري س??ڪريٽري تي ٻ??ل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدار?? ۾ ??يو.