اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي س??ن پنهنجي پيغام ۾ چ??و آه?? ته پاڪست??ن پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي جيڪو خوشي جوڳو آهي. هلندڙ سال سياحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. هر سال گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري (يو اين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد مع??شري، ثقافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي مع??شي ترقي تي سياحت جي اثرن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي وڌيڪ آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿي ?? هلندڙ سال سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي موضوع تي ملهائجندڙ عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سياحت سماجي ۽ مع??شي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.