لاهور 20- سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ??اص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته اي پي سي جو مطلب آل پاڪستان لٽ مار ڪميٽي ۽ قوم جي لٽيل رقم کي بچائڻ لاءِ ڪرپٽ اشرافيه جو ڳٺ جوڙ آه??. ج??هن سڀئي چور گڏ ٿي وڃن ته سمجهي ڇڏيو ته ڪو ايماندار ٿاڻيدار اچي ويو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر آل پاڪستان لٽ مار ايسوسيئيشن گڏ ٿي رهي آهي، اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪرڻ سان اپوزيشن جي ??ُڃ ناهي ختم ٿي، ماضيءَ ۾ مخ??لف ڌر جون اهي پارٽيون هڪ ٻئي خلاف ڇا نه چونديون رهيون آهن؟ اپوزيشن وارا گڏجي ??رف اين آر او گهري رهيا آهن، مخ??لف ڌر جيتريون به چاهي اي پي سي ڪري جنهن جي ??ل چوي خطاب ڪري پر مخ??لف ڌر لاءِ اهو پيغام آهي ته انهن کي اين آر او نه ملندو. وزيراعظم عمران خان اين آر او نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته اهي ماڻهو اي پي سي ڪري رهيا آهن. آصف علي زرداري کي علي بابا چاليس چور چوڻ وارو شهباز شريف هاڻي پاڻ ئي ايڪتاليهون چور بڻجي ڪرسي لاءِ وڃي رهيو آهي، ته ڪٿي ان تي مريم نواز نه ويهي رهي. اهڙو اظهار هن ??ري?? انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن جي ٻن سالن ۾ اها پنجين ويهڪ آهي، اڄ تائين اسان اپوزيشن جي مختصر عرصي ۾ ايتريون اي پي سيز ناهن ڏٺيون. هن چيو ته موجوده اپوزيشن جو نظريو بنيادي طور تي ڪوڙ تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن انهن کان حساب وٺون ٿا ته چون ٿا اسان کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. هن چيو ته اي پي سي جي لسٽ ۾ انهن ماڻهن جا نالا، انهن جي ڪرپشن سبب داخل آهن جيڪو وڌيڪ ڪرپٽ آهي. ان جو نالو سڀ کان مٿي آهي. هن چيو ته سياست ۾ نئون آيل بلاول جنهن جون پنجاب ۾ ڪجهه سيٽون آهن اڄ شهباز شريف پنهنجي ??اندان سميت ان جي ??ارگاهه ۾ حاضر آهي ۽ اتي وڃي اين آر او گهري رهيو آهي. هن چيو ته پهرين انهن ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شهباز شريف ۽ ٻين چورن جي ??مدني ۾ ايترو اضافو ٿي چڪو اهي جو ڏسي ڪري عقل دنگ رهجي ويندي آهي ۽ هاڻي انهن کي احتساب جي نالي کان خوف اچي رهيو آهي.