اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستاني م??نوعات جي م??يار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار جي حوالي سان خدشا مصنوعات جي روانگي واپار جي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار جي جاچ پڙتال جي نظام ۾ انساني م??اخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ملڪ ۾ صنعتي م??نوعات جي م??يار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ٻي?? سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ صنعتي ۽ ٻي م??نوعات جي م??يار جي حوالي سان موجوده نظام، پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت معياري ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي م??نوعات جي م??يار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي م??حرڪ ڪرڻ جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو.