اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تائين عوام جي پهچ وڌائڻ جو ح??م ڏنو آهي، جنهن تحت سٽيزن پورٽل جي دائري ڪار کي وڌايو ويندو، وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان سٽيزن پورٽل و??ب سروس تيار ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين بابت خصوصي صلاحڪار سٽيزن پورٽل و??ب سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان سٽِيزن پورٽل جي توسيع سان وڌيڪ 8 ڪروڙ پاڪستاني فا??ديمند ٿي سگهن ٿا. ان کان اڳ اها سهولت 3 ڪروڙ 50 لک پاڪستانين کي ميسر هئي، عوام جي 8 هزار 600 ادارن تائين پنهنجي شڪايتن ڪرڻ جي لاءِ پهچ ممڪن ٿيندي.