مظفرآباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وز??را??ظم هائوس آزاد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وز??را??ظم جو قومي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. آزاد ڪشمير جي وز??را??ظم راجا فاروق حيدر خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي وز??را??ظم هائوس ۾ آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جي وز??را??ظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ 5 آگسٽ تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي سمورا ڪشميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشمي??ين جي آواز کي دنيا جي هر فورم تي اٿ??رينداسين. وز??را??ظم راجا فاروق حيدر چيو ته معصوم ڪشميري دنيا جي چوٿين وڏي فوجي قوت جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پاران ڪشمي??ين سان يڪجهتي جي بي مثال مظاهري تي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڪشمي??ين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.