اسلام آباد – 19 مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا عالمي معيار جي خدمتن ۽ سهولتن ج?? فراهمي لاءِ ايئرپورٽس جا انتظام نجي شعبي ۾ ڏيڻ جي حوالي سان هوابازي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ ٽيلي ميٽري نظام جوڙيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.