اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي صنعت کي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪرونا سان گڏوگڏ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان بچائڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومت ڪاروبار دو??ت ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??رعزم آهي، صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ ??ر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، واپار ۽ صنعت واري وزارت کي ڪاروبار بابت حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ??اپاري نمائندن سان روزاني جي ب??ياد تي مشاورت جي هدايت ڪئي آهي، ڪرونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ب??روزگار ٿيندڙ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس پروگرام تحت 12 هزار رپيا ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپارين ۾ ٽيڪس ريفنڊ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.