اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي اثرن جي ڏس ۾ معاشي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مزدور طبقي جي لاءِ 200 ارب رپيا، معاشري جي انتهائي غريب طبقي جي لاءِ 150 ارب رپيا، برآمد ڪندڙن کي فوري 100 ارب ر??يا ريفنڊ ڪرڻ، ننڍين، وڏين صنعتن ۽ زراعت جي لاءِ 100 ارب رپيا، يوٽيلٽي اسٽورز جي لاءِ 50 ارب رپيا، لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب ر??يا ۽ ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري جي لاءِ 280 ارب ر??يا رکيا و??ا آهن، هر خاندان کي چار مهينا ماهوار 3 هزار ر??يا امداد ڏني ويندي، 300 يونٽ تائين بجلي ۽ گئس جا بل ٽن مهينن جي قسطن ۾ ورتا ويندا، پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪس 15 ر??يا گهٽ ڪري ره??ا آهيون، دالين سميت ضرورت جي شين تي ٽيڪسن جي شرح گهٽ ڪري ره??ا آهيون، تعميراتي صنعت جي لاءِ خاص مراعاتي پئڪيج تيار ڪري ره??ا آهيون، ميڊيا ورڪرز جي لاءِ به خاص پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.