اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽ?? اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي ??لاف عدالتي فيصلي، م??يم نواز کي پرڏيهي ملڪ وڃڻ لاءِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي معاملي تي جائزو وٺندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قانون جي ??الادستي ۽ قانون جي هڪجهڙي لاڳو سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جا ادارا رياست جا ٿنڀ آهن، رياست جو مفاد هر حال ۾ اهم ۽ مٿانهون آهي، اسان کي پنهنجي ??دارن کي سگهه ڏيڻي ۽ با??خت??ار بڻائڻو آهي، آرمي چيف جي ??وسيع جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي ۽ قانوني ڪميٽي جي مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو ته حڪومت ان معاملي تي اپيل ۾ وڃي ٿي يا پارليامينٽ مان منظوري ورتي وڃي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي ??جلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.