اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پ??ڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير عصمت الله نصرالدين الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عصمت الله نصرالدين جي پاڪستان تاجڪستان لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. نگرا?? وزيراعظم تاجڪ سفير مستقبل جي لاءِ نيڪ خواه??ن جو پڻ اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان مان ايندڙ سفير به اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. تاجڪ سفير عصمت الله نصرالدين پ??ڪستان تاجڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پراڻو ۽ تاريخي قرار ڏنو. تاجڪ سفير پاڪستان ۾ پنهنجي قيام کي يادگار ۽ پاڪستاني مهمان نوازي کي ساراهيو. تاجڪستان جي سفير نگرا?? وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا.