اسلام آباد – 09 – جنوري (??ي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ فلاحي منصوبن جي لا??ِ حڪومت پاران يونيسيف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس ذريعي جديد معلومات تائين پهچ ڏيڻ سان ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائندي عبدالله فاضل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عبدالله فاضل نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ يونيسيف جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل 5 سالن ۾ يونيسيف تحت سڄي پاڪستان ۾ امداد، صاف پاڻي ۽ خوراڪ جي فراهمي، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ اٽڪل هڪ ارب ڊالر جا منصوبا ٺاهيا ويا آهن. نگران وزيراعظم عوامي ڀلائي جي لا??ِ ڪيترائي ڪامياب منصوبا ٺاهڻ تي يونيسيف پاڪستان کي ساراهيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ يونيسيف جي ڪردار کي خصوصي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ يونسيف جهڙن ادارن جي گڏيل تعاون سان ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي بابت عوامي روين ۾ مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. نگران وزيراعظم تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ڀلائي منصوبا ٺاهڻ جي لا??ِ پاڪستان حڪومت جو يونسيف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڀارت پاران شديد تنقيد جي باوجود يونيسيف جو آزاد ڪشمير ۾ تعليم جي شعبي لا??ِ قدم کڻڻ ساراهه جوڳو آهي. نگران وزيراعظم عبدالله فاضل کي پاڪستان ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تعليم لا??ِ نئين ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن يونيسيف پاران ملڪ ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي قدمن جي حمايت به ڪئي. هن چيو ته ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس جي مدد سان جديد ترين معلومات تائين پهچ ڏياري ملڪ ۾ ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. يونيسيف پاران نوجوانن جي لا??ِ روزگار پيدا ڪرڻ جي منصوبن لا??ِ پاڪستان حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.