اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري ب??طرفين جو مسئلو قا??ل قبول نه آهي، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي مليل قانوني تحفظ تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان ??ي ذميواري آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي جبري ب??طرفين جي حوالي سان پيمرا چيئرمين سان ??ڻ ڳالهه ٿي آهي جڏهن ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ٽپهر ٿيندو، ان مسئلي ب??بت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سان ??ڻ ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته قانون تحت جيڪي به قدم ممڪن ٿيا، اسان کڻنداسين، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي جيڪو قانوني تحفظ حاصل آهي، ان ??ي عملدرآمد ڪرائڻ اسان ??ي ذميواري آهي. ان کان ??ڳ سينيٽ اجلاس دوران ??حافين سينيٽ جي پريس گيلري مان مختلف ميڊيا ادارن مان ??حافين جي جبري ب??طرفين جي معاملي تي واڪ آئوٽ ڪيو هو.