اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ اڄ اربع ڏينهن پشاور ?? ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشنز آف نارٿ آمريڪا جي حصيداري سان منعقد ٿيندڙ 46 هين ونٽر خيبر ميڊيڪل ڪال??ج ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته ان کانسواءِ هُو غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي، ٽوپي جو دورو ڪندو، جتي هو تقريب کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظ?? انسٽيٽيوٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان هڪ ا??ٽرايڪٽو سيشن ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي گرلز هاسٽل جو افتتاح پڻ ڪندو.