ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي چرپر جي نظام کي بهتر بڻائڻ، گاڏين جي لاءِ سيفٽي سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ جو نظام قائم ڪرڻ ج?? هدايت ڪندي چيو آهي ته گاڏين جا لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ تصديق جي لاءِ هڪ موثر ڊيٽابيس جڏهن ته ملڪي سمنڊن تي غيرقانوني ماهيگيري روڪڻ جي لاءِ هڪ خصوصي پيٽرولنگ فورس جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌر??ئي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بلوچستان ۾ ن??ران حڪومت جي سربراهي ۾ انتظامي اڳڀر??ئي جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ن??ران وزيراعظم کي نگران حڪومت جي دور ۾ کنيل مختلف قدمن تي اڳڀر??ئي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ بلوچستان جي پاڻي ذخيرن، گهرن جي تعمير، معدنيات، مواصلات، قانون ۽ انصاف، ماهيگيري ۽ ٻين شعبن تي بريفنگ شامل آهي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ پاڻي جي پهچ جي مشڪلاتن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي ۽ صوب??ئي انتظاميا کي چيو ته بلوچستان جي سمورن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻ??ئي وڃي. اجلاس ۾ ن??ران وزيراعظم کي 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ صوبي ۾ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. نگران وزيراعظم صوبي ۾ گذريل ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي بحالي ۽ انهن جي گهرن جي نئين سر تعمير جي عمل کي تيز ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ن??ران وزيراعظم کي بلوچستان صوبي ۾ کاڻين جي کوٽ??ئي کي باقاعده شعبي جو درجو ڏيڻ جي اڳڀر??ئي بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي عوام جو مستقبل صوبي ۾ کاڻين جي کوٽ??ئي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ قومي ۽ عالمي سيڙپڪاري سان واڳيل آهي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ ملڪ جي چرپر جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ گاڏين جي لاءِ سيفٽي سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ جو نظام قائم ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گاڏين جا لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ تصديق جي لاءِ هڪ موثر ڊيٽابيس جوڙيو وڃي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ ملڪي سمنڊن تي غيرقانوني ماهيگيري روڪڻ جي لاءِ هڪ خصوص پيٽرولنگ فورس جوڙڻ ج?? هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گوادر ۾ غيرقانوني ٽرالرن جي اچ وڃ روڪڻ جي لاءِ مقامي ماڻهن تي ٻڌل هڪ موثر پيٽرولنگ فورس جوڙي وڃي. اجلاس ۾ بلوچستان جو نگران و??و وزير مير علي مردان خان ڊومڪي، اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، تعليم وارو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي، صوب??ئي ڪابينا جا ميمبر ۽ صوب??ئي انتظاميا جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.