اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات مڊل ايسٽ نارٿ آفريقا ريجن ۾ سڀ کان وڏا واپاري حصيدار آهن ۽ انهن جو ساليانو سراسري واپار جو ڪاٿو 9 ارب ڊالر آهي، گڏيل عرب امارات جا سي??پڪ??ر پاڪستان ۾ سي??پڪ??ري جي نئين موقعن مان فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”گلف ٽو ڊي“ کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو بنياد شيخ زيد بن سلطان النهيان مرحوم رکيو هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ويا. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ رخن جو احاطو ڪن ٿا. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ مضبوط رابطو، هم آهنگي ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون موجود آهي. اسان پنهنجي انهن ڀائراڻن ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي واپار، سي??پڪ??ري ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن جي فروغ جي ذريعي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات مڊل ايسٽ نارٿ آفريقا (مينا) ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ??نه?? سان واپار جو ساليانو ڪاٿو 9 ارب ڊالر آهي. گڏيل عرب امارات انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي پاڪستان جو روانگي واپار سڀ کان وڌيڪ آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي مع??شت ٻطرفي آهي. پاڪستان گڏيل عرب امارات کي زرعي مصنوعات، ٽيڪسٽائيل ۽ افرادي قوت موڪلي ٿو جڏهن ته گڏيل عرب امارات مان پاڪستان پيٽروليم، پيٽرو ڪيميڪل مصنوعات ۽ هائي ٽيڪ ايڪوپپمنٽ حاصل ڪري ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ مالياتي ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا ۽ امڪان موجود آهن. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ 23 – 2022ع ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 9 ارب ڊالر آهي جڏهن ته 23 – 2022ع ۾ گڏيل عرب امارات جي لاءِ پاڪستان جو روانگي واپار 1.4 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي جيڪو گذريل 5 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. يو اي اي جي پاڪستان ۾ سي??پڪ??ري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي حوصلا افزائي ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ۾ يو اي اي سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي لاءِ سي??پڪ??ري ۽ پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ پاڪستان سي??پڪ??ري جي فروغ لاءِ سي??پڪ??ر دوست پاليسيون ۽ ٺوس فريم ورڪ ٺاهيو آهي ۽ ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. پاڪستان هر طرح جي سي??پڪ??ري جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت هڪ هزار کان وڌيڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيون منافعو ڪمائي رهيون آهن ۽ اڪثر عالمي ڪمپنيون پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ منافعو حاصل ڪري رهيون آهن. پرڏيهي ڪمپنيون، ماڻهو ۽ ملٽي نيشنل ڪارپوريشن پاڪستان ۾ مڪمل طور تي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿيون ۽ مقامي سطح تي حصيداري به ڪري سگهن ٿيون. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهرا تاريخي، ثقافتي ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سي??پڪ??ري تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، لاجسٽڪس ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. نگران وزيراعظم چيو ته مع??شت جي بحالي جي لاءِ پاڪستان ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي حوصلا افزائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ تازو ئي خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي ۽ زراعت، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع جهڙن شعبن ۾ نار ملڪ سي??پڪ??ري ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۽ يو اي اي جي سي??پڪ??رن وٽ سي??پڪ??ري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن گڏيل عرب امارات جي سي??پڪ??رن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ نئين موقعن مان فائدو کڻن ۽ پاڪستان سان پنهنجا ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپا وڌائين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موجود سي??پڪ??ري جي موقعن ۽ حڪومت جي سي??پڪ??ري جي فروغ لاءِ ٺوس حڪمت عملي کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. ايس آئي ايف سي جي اهتمام هيٺ دبئي ۾ ”دي پاڪستان انويسٽمنٽ روڊ شو“ منعقد ٿيڻ سان عالمي سي??پڪ??رن جي وڏي انگ کي پاڪستان ۾ سي??پڪ??ري طرف راغب ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. ايس آئي ايف سي جي عملدارن عالمي سي??پڪ??رن سان رابطا قائم ڪيا آهن ۽ انهن کي پاڪستان ۾ موجود سي??پڪ??ري جي موقعن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ سي??پڪ??ري جي لاءِ منصوبا به تيار ڪيا ويا آهن. اسان وٽ ان قدم کي وڏي پذيرائي ملي آهي. ان موقعي مان فائدو کڻندي 30 پاڪستاني ڪمپنين زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجا ڪاروباري منصوبا پيش ڪيا آهن. ان دوران سرڪاري ۽ نجي ماهرن جا مباحثا به ٿيا آهن ??نه?? سان سي??پڪ??رن کي پاڪستان ۾ اڀرندڙ ڪاروباري موقعن بابت آگاهي ملي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اهو پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ وڏو روڊ شو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان دبئي ۾ ڪوپ – 28 جي ميزباني تي گڏيل عرب امارات جي ڪوششن تي ان جي آجيان ڪري ٿو. موسمياتي تبديلي جي عالمي صورتحال بدقسمتي سان تمام خراب آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت ۽ ڪوششون تمام گهٽ آهن. انسانيت ماحولياتي تبديلي جي شديد اثرن جي لپيٽ ۾ آهي. ساليانو سراسري گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. دنيا کي ان حوالي سان قدم تيز ڪرڻ ۽ ماحول دوست تبديلين جي ضرورت آهي. موسمياتي تبديلين جي حوالي سان عالمي رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صورتحال سٺي نه آهي ۽ جن قدمن جو واعدو ڪيو ويو هو انهن کي پورو نه پيو ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان هي فيصلائتو ڏهاڪو آهي ۽ جيڪڏهن ضرور?? قدم نه کنيا ويا ته صورتحال بگڙجي ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪوپ – 28 ۾ پاڪستاني ماهرن جو وفد وڏين اميدن سان شرڪت ڪري رهيو آهي ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پاڪستان جيڪ?? قدم کنيا آهن اسان انهن کي اجاگر ڪنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهو سمجهي ٿو ته موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ ماحول دوست توانائي طرف منتقلي جي لاءِ اسرندڙ ملڪن کي 2030ع تائين 2.4 ٽريلين ڊالر ساليانو جي ضرورت آهي. پاڪستان قومي سطح تي ڪيترائ?? قدم کنيا آهن ۽ پنهنجا مقامي وسيلا استعمال ۾ آندا آهن. ايندڙ سالن ۾ عالمي تعاون سان انهن قدمن کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي لاءِ قيمتي پرڏيهي ناڻو موڪلي پاڪستان جي مع??شت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ٻنهي ملڪن جي مع??شت ۾ اهم ڪردار آهي. سعودي عرب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو گڏيل عرب امارات مان ٿئي ٿو. گذريل 5 سالن دوران يو اي اي مان 28.4 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو ٿيو آهي. يو اي اي ۾ 1.8 ملين پاڪستاني رهن ٿا ۽ ملڪي مع??شت ۾ انهن پاران موڪليو ويندڙ مٽاسٽا جي ناڻي جو تمام اهم ڪردار آهي. اهو مٽاسٽا جو ناڻو اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو وڏو اهم حصو آهي. 24 – 2023ع جي پهرين چئن مهينن دوران پاڪستاني ورڪرز پاران موڪليو ويندڙ مٽاسٽا جو ناڻو 8.8 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آهي ??نه?? مان 1497.6 ملين ڊالر يو اي اي پاران موڪليو ويندڙ مٽاسٽا جو ناڻو آهي. هن چيو ته بئنڪنگ جي قانوني چينلز جي ذريعي موڪليو ويندڙ مٽاسٽا جو ناڻو تمام فائديمند آهي ۽ ملڪي مع??شت ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان سان بئنڪنگ جي انفراسٽرڪچر ۽ مالياتي نظام کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي ۽ مقامي ڪرنسي به مضبوط ٿئي ٿي. هن چيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ڪيترائ?? قدم کنيا آهن ۽ انهن جي لاءِ نيشنل ريميٽنس لائلٽي پروگرام (اين آر ايل پي)، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ، سهڻي ڌرتي ريميٽنس جهڙا قدم کنيا آهن ??نه?? سان مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني طريقي سان منتقلي ۾ اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي نوڪرين جي معاهدي جي رجسٽريشن جي لاءِ ايڪٽيو بئنڪ اڪائونٽ کي لازمي بڻايو ويو آهي. ان مقصد جي لاءِ هر پروٽيڪٽر آفيس ۾ اڪائونٽ کولڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. بي اي او اي کي جديد ۽ ڊيجيٽل بڻايو ويو آهي. تازو ئي اي پروٽيڪٽر رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي، ان جي ذريعي ڊائريڪٽ ايمپلائمينٽ ڪيٽيگري جا خواهشمند اميگرنٽ پروٽيڪٽوريٽ آف اميگرنٽ آفيس وڃڻ کانسواءِ آن لائين رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا ۽ آن لائين رجسٽرڊ ورڪرز کي اي پروٽيڪٽر رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ انهن جي اي ميل تي موڪليو وڃي ٿو ??نه?? ۾ ”ڪيو آر ڪوڊ“ ڏنو ويو هوندو آهي ??نه?? جي ذريعي اهي ايئرپورٽ تي اميگريشن عملدارن کي تصديق ڪرائي سگهن ٿا. بي اي او اي سمنڊ پار روزگار جي موقعن جي حوالي سان پنهنجي ويب سائيٽ تي تصديق ٿيل مع??ومات فراهم ڪري ٿو ۽ اوورسيز ايمپلائمينٽ ڪارپوريشن ۽ نيوٽيڪ (اين اي وي ٽي ٽي سي) سان حصيداري ڪري ٿو. ان کانسواءِ اوورسيز پاڪستاني فائونڊيشن سمنڊ پار پاڪستانين کي قانوني معاونت، ضرورت جي وقت مالي امداد سميت مختلف فلاحي خدمتون فراهم ڪري رهي آهي. او پي ايف ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي خاندانن کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ پڻ فراهم ڪري رهي آهي.