اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري دانشور، شاعر، ناول نگار، مترجم ?? ايڊيٽر احمد سليم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ناليواري دانشور، شاعر، ناول نگار، مترجم ?? ايڊيٽر احمد سليم جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، احمد سليم پوري زندگي ثابت قدمي سان جمهوري قدرن، پورهيت عوام، ملڪ جي پٺتي پيل?? محروم، ڪمزور ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيل رهيو. هن چيو ته احمد سليم جو لاڏاڻو منهنجي لاءِ ذاتي نقصان آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.