اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهي، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان سدائين علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. هن ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشميري عوام جي سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي اڻٽر عزم کي ورجايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اڄڪو ڏينهن ان وحشياڻ?? واقعي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجون فوجون ڪشمير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام تي انسانيت لڄائيندڙ ظلم ڪيا جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميري نوجوانن جون هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ قبرستان ٺاهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت جو انسانيت لڄائيندڙ ظلمن ذريعن والاريل ڪشمير ۾ سوين عورتن جي لڄ لٽڻ ۽ ڪشميري نوجوانن کي پيلٽ گن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روزمره جو معمول بڻايو آهي، هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019?? ت?? والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019?? کانپوءِ والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل بڻايو آهي، اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي بي مث??ل قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام لازو??ل قربانيون ڏنيون آهن جن جو دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيرو سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت تحريڪ آزادي ڪشمير جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد کي تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو.