اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني غزه جي الاهلي پاپ??ٽ اسپتال تي اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيل پاران غزه ۾ ??سپ??ال تي ڪڌو حملو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو حملو عالمي ??نساني قانونن جي خلاف ورزي اهي، جنهن ۾ معصوم بارن، عورتن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پناهه وٺندڙ بي گهر شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، جنهن ??و مقصد غزه جي بحران ۽ اتان جي محصور شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن جنهن ۾ مصر، اي??ان?? ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيهي وزير شامل آهن ??ان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.