پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??ڳوڻي صدر غلام اسحاق خان ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي شهيد ڪمانڊنٽ صف??ت غيور جي قبرن تي فاتحه خواني ڪئي. پشاور جي دوري دوران نگران وزيراعظم اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي شهيد ڪمانڊنٽ صف??ت غيو?? کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ سندس قبر تي ويو، فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي دس??ي شهيد صفت غيو?? کي سلامي پڻ پيس ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??هيد صفت غيو?? کي خراج عقيدت پيش ڪندي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته شهيد صف??ت غيور هڪ عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، اسان ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ش??يدن جا مقروض آهيون جن پنهنجا فرض سرانجام ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون.