اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ انڊيا اسٽيڊي سينٽر ڄمون ڪ??مي?? لاءِ او آءِ سي سيڪريٽري جنرل جي سياسي معاملن واري خصوصي نمائندي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل يوسف الدوبي سان هڪ گول ميز مباحثي جي ميزباني ڪئي. آءِ ايس سي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خرم عباس وفد جي آجيان ڪندي ڄمون ڪ??مي?? تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي او آءِ سي جي مسلسل حمايت جو ذڪر ڪندي چيو ته او آءِ سي ڄمون ڪ??مي?? جي عوام لاءِ سدائين مضبوط آواز اٿاريو آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳوڻي ڪنوينر غلام محمد صفي، آزاد ڪ??مي?? جي اڳوڻي وزير فرازانه يعقوب، ڪ??مي?? انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز جي چيئرمين الطاف حسين واني، اڳوڻي سفير ۽ اڪيڊمڪس آءِ پي ايس جي وائيس چيئرمين سيد ابرار حسن، تعليمي ماهرن ۽ يونيورسٽي جا شاگرد شامل هئا. اڳوڻي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي آءِ ايس ايس آءِ سهيل محمود وفد جي آجنيا ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر جي حيثيت سان ڪهڙي طرح اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، فلسطين جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايمبيسڊر سهيل محمود چيو ته فلسطين ۽ ڪ??مي?? گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي ايجنڊا جا 2 قديم ترين تڪرار آهن، ٻئي تڪرار خود اراديت جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق بابت آهن ۽ ٻنهي قابض طاقتن جي هٺ ڌرمي سبب حل طلب آهن، هن چيو ته او آءِ سي گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪ??مي??ين جي خودمختياري واري حق جي مسلسل ۽ واضح حمايت ڪئي آهي، ڄمون ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذڪر ڪندي هن خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دنيا ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ ناپاڪ ڊزائين لاڳو ڪرڻ کي ڏسي رهي آهي جيڪا عالمي قانونن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهي. هن وفد تي زور ڀريو ته هو ڄمون ڪ??مي?? تي او اءِ سي جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري جيڪو اسلام آباد ۾ مارچ 2022ع ۾ پرڏيهي وزيرن جي 48 هين ڪائونسل دوران منظور ڪيو ويو هو ۽ ڄمون ڪ??مي?? جي تڪرار تي او آءِ سي جي قراردادن کي وقت سان گڏوگڏ منظور ڪيو ويو هو. خاص نمائندي يوسف الدوبي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڄمون ڪ??مي?? جي تڪرار جي حوالي سا?? بيداري پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن سان سڄي دنيا ۾ مسلمانن جو تعلق آهي. هن ڪ??مي?? ڪاز لاءِ او آءِ سي جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته او آءِ سي ڪڏهن به ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ ڀارت جي غير قانوني قدمن جي حمايت ناهي ڪئي. هن او آءِ سي جي مطالبي کي ورجايو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀ??رت?? حڪومت طرفان کنيل قدمن کي واپس ورتو وڃي. شرڪت ڪندڙن ڪ??مي??ين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي فعال طريقي سان پيروي ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. آءِ ايس ايس آءِ جي چيئرمين ايمبيسڊر خالد محمود ڄمون ڪ??مي?? جي ماڻهن لاءِ او آءِ سي جي تاريخي ۽ ثابت قدم حمايت کي ساراهيندي سيشن جي پڄاڻي ڪئي.