گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ گلگت بلتستان جي معاشي بحالي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران مقامي پوکيءَ جوڳ?? زمين کي استعمال ۾ آڻي ڀاڻڀرائپ تي زور ڏيند?? چيو آهي ته گلگت بلتستان جي گ??ڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري سان وا??يل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳپايل نگران وفاقي وزير، گلگت بلتستان ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي قيادت نگران وزيراعظم کي مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي جو معاملو بحث هيٺ آيو. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان کي وفاق پ??را?? مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان جي قيادت کي حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران پوکيءَ جوڳ?? زمين جي زرعي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻي پاڻڀرائپ آڻڻ جي تلقين ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪند?? چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ۽ توانائي ڏيڻي پوندي تڏهن ئي ملڪي معيشت بحالي جي رستي تي گامزن ٿيندي. گلگت بلتستان ڪابينا جي وزيرن نگران وزيراعظم کي گلگت ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تجويزون ڏنيون. نگران وزيراعظم عملدارن کي گلگت بلتستان جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي گ??ڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان وا??يل آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ فرقيواراڻي انتشار جي بنياد تي امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ۽ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.