گلگت – 12 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي گورنر نگران وزيراعظم جي گلگت بلتستان جي دوري ۽ گلگت بلتستان جي ترقي ۾ خصوصي دلچس??ي تي ٿورا مڃيا. گورنر سيد مهدي شاهه نگران وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال جي ح??ال?? سان پڻ آگاهه ڪيو.