اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي ميڊيا جي وفد سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد جو دورو ڪيو، هي تقريب سي پيڪ منصوبن خاص طور تي گرين لائين ٽرين جي 10 سالا تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي. وفد ٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ جديد چيني ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي ساراهي??. ا?? موقعي تي پاڪستان ريلوي پاران ٽرينن ۾ چين پاران فر??هم ڪيل جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان وفد کي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستان ريلوي پاران وفد کي بريفنگ ڏيندي ??ڌا??و ويو ته ٽرين ۾ ايئرڪنڊيشنڊ (اي سي)، بزنس ڪلاس جون ٻه بوگيون، پارلر جي هڪ ??وچ?? ٻه اي سي اسٽينڊرڊ ۽ اڪانومي ڪلاس جون ٻه بوگيون شامل آهن. هن بريفنگ ۾ ??ڌا??و ته وڌيڪ ماڻهو گرين لائين ٽرين جي بهتر معيار جي ڪري ان تي لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر کي ترجيح ڏين ٿا، ٽرين جي وقت تي سختي سان پابندي ڪئي پئي وڃي.
ريلوي عملدارن پاران ??ڌا??و ويو ته ريلوي واري وفاقي وزير پاڪستان ريلوي کي گرين لائين ٽرين جي سفر جي وقت کي 23 ڪلاڪن کان گهٽ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي جنهن سان مسافرن جو پاڪستان ريلوي تي اعتماد بحال ٿيندو. چيني ميڊيا جي وفد کي ??ڌا??و ويو ته گرين لائين ٽرين ۾ بهترين سفري سهولتون فر??هم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اعليٰ معيار جي کاڌي جي فر??همي ۽ ٽڪيٽ جي قيمت کي مناسب سطح تي رکڻ شامل آهي. ان کانسواءِ اي سي پارلر جي هر سيٽ تي هڪ جدا ايل سي ڊي هنئي ويندي ته جيئن مسافر هيڊ فون جي ذريعي پنهنجي پسنديده وڊيوز ۽ پروگرامن مان لطف اندوز ٿي سگهن. بريفنگ ۾ ??ڌا??و ويو ته ٽرين نان اسٽاپ آهي جيڪا ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ رڳو خانيوال، بهاولپور، حيدرآباد ئي رڪي ٿي. هي ٽرين 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلڻ جي صلاحيت رکي ٿي، راولپنڊي کان لاهور پهچڻ کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ 9 ??وچ?? ??و اضافو ڪيو وڃي ٿو جنهن کانپوءِ اها ٽرين 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿي. وفد گرين لائين ٽرين جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ مسافرن جي لاءِ فر??هم ڪيل سهولتن تي اطمينان ??و اظهار ڪي??. ا?? کان اڳ پاڪستان ريلوي پاران مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي چيني ميڊيا جي وفد ??و استقبال ڪيو. ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ پاڪستان ريلوي انعام الله وفد ??و استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ريلوي پاران يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون. هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت پاڪستان ريلوي جي مستقبل جي منصوبن کان پڻ وفد کي آگاهه ڪيو.