اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان منرلز سمٽ ٽن ”مفاهمتي ياداشتن“ تي صحيحن سان پڄاڻي تي پهچي وئي. ان ۾ پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي صنعت ۾ پرڏيهي سيرپڪاري جي موقعن جي خاطري ڪرائي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان منرلز سمٽ – ڊسٽ ٽو ڊيولپمينٽ مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي خاص مهمان هو جڏهن ته آرمي چيف ??نر?? سيد عاصم منير خصوصي طور شرڪت ڪئي. سمٽ ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، پرڏيهي معززين، سيڙپڪارن ۽ فني ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ان سمٽ جو اهتمام اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ بارڪ گولڊ ڪارپوريشن گڏيل طور تي ڪيو هو جنهن کي پيٽروليم واري وزارت سهولت فراهم ڪئي هئي. اها سمٽ ”ڊسٽ ٽو ڊيولپمينٽ: پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جا موقعا“ جي موضوع تي هئي. سمٽ کي 4 سيشنز ۾ ورهايو ويو هو جنهن ۾ چار انفرادي خطاب، چار پينل بحث، هڪ اهم تقرير ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف ??نر?? سيد عاصم منير جو خصوصي خطاب شامل هو. سمٽ ماهرن، صنعتي اڳواڻن ۽ سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ڪيترين ئي ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۽ پاڪستان جي معدنيات جي صلاحيت کي ڳولڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو ڳولڻ ۾ ڪامياب رهي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته بحيثيت قوم پاڪستانين سدائين عزم ۽ اميد جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ اهڙن قدمن سان آئون اميد کي حقيقت بڻجندي ڏسي سگهان ٿو، اسان کي بهتر مستقبل جي لاءِ هڪ مضبوط بيانيو تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان جي معدني دولت اسان جي لاءِ عالمي معيشت ۾ پنهنجي سڃاڻپ بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي، ايس آئي ايف سي هڪ بهترين قدم آهي جيڪو پاڪستان کي سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي موقعن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. چيف آف آرمي اسٽاف ??نر?? سيد عاصم منير پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي جي صنعت جي بدلجندڙ منظرنامي بابت پنهنجي ويزن کان آگاهه ڪيو ?? ايس آئي ايف سي جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. هن چيو ته مشڪل وقت ڪنهن قوم جي عزم جو امتحان هوندو آهي، هم آهنگي، ثابت قدمي ۽ اميد جي ذريعي اسان موجوده چئلينجن تي ضابطو آڻ?? وٺنداسين. تقريب جي پڄاڻي ٽن ”مفاهمتي ياداشتن“ تي صحيحن سان ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي صنعت ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي موقعن جي خاطري ڪرائي وئي.