اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ج??عي?? جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي ج??هوريت تي حملو آهي، واقعي ج?? ذميوارن جي ج??د نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ج??عي?? علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو ۽ خار، باجوڙ ۾ ج??عي?? علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن حملي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي، ج??عي?? جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي ج??هوريت تي حملو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صب?? جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، واقعي ج?? ذميوارن جي ج??د نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير خان، سردار اسرار ترين، قومي اسيمبلي ج?? ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.