اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل مالي سال دوران رمضان المبارڪ ۾ وزيراعظم پاران مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مفت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، وزيراعظ?? جي معيشت ۽ توانائي بابت رابطاڪار ب??ال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان گذريل مالي سال دوران وزيراعظ?? جي مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مستحق شهرين کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان مقصد لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان اسڪي?? جي شروعات 18 ??ار?? 2023ع تي ڪئي وئي ۽ اها اسڪيم 16 اپريل 2023ع تائين جاري رهي.