اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير ??يو آهي ته اسان باصلاحيت ??وم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي تر??يءَ ۾ حصو وِجهون، اسان پاڪستان جي معاشي تر??ي لاءِ هڪ اداري جي حيثيت سان مڪمل جانفشاني ۽ قلب ۽ روح سان ان مرحلي جي تڪميل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرايون ٿا. هو گرين پاڪستان انيشيٽو پاڪستان تحت غذائي تحفظ بابت رٿيل سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ان تقريب جو خاص مهمان هو. جڏهن ته سيمينار ۾ وفاقي وزيرن، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهرن، اعليٰ عسڪري آفيسرن ۽ سڄي ملڪ مان آبادگارن جي وڏي انگ کان علاوه بين الاقوامي مهمانن، برطانيه، اٽلي، اسپين، چين، بحرين، قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ سفارتڪارن ۽ سيڙپڪارن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه ??يو ته اسان سڀ هتي پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسبز بنائڻ لاءِ جمع ٿيا آهيون، پاڪستان کي الله وڏين نعمتن سان نوازيو آهي، اسان باصلاحيت ??وم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي تر??يءَ ۾ حصو وِجهون. هن ??يو ته الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيڻ، الله جي رحمت مان صرف ڪافر مايوس ٿيندا آهن. مسلمانن لاءِ ٻه ئي حالتون آهن جڏهن مصيبت اچي ته صبر ڪري ٿو، جڏهن خوشي ملي ته شڪر ادا ڪري ٿو. هن ??يو ته پاڪستان کي تر??يءَ جون منزلون ط??ي ڪرڻيون آهن ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان کي تر??يءَ کان نٿي روڪي سگهي، انشاءَ الله اسان وٽ هر طرح جي صلاحيت ??وجود آهي جيڪو پاڪستان جي عروج تي وٺي وڃي سگهي ٿو. مسلمان لاءِ نااُميدي ڪفر آهي.