اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مجموعي ملڪي قرضن جو ڳاڻيٽو مالي سال جي پهرين 9 مهينن جي پڄاڻي تائين 59247 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، حڪومت 5541 مل??ن ڊالر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾ 4541 مل??ن ڊالر بئنڪن ۽ هڪ ارب ڊالر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا ويا. قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب ملڪي قرض/اندروني قرض جو ڳاڻيٽو 35076 ارب روپيا جڏهن ته پرڏيهي قرض 24171 ارب روپيا 85.2 ارب ڊالر جي سطح تي آهي. مالياتي خساري کي ??ور?? ڪرڻ ۽ قرضن ج?? ادائيگين لاءِ حڪومت ڊگهي مدي واري ملڪي قرضن تي ڀاڙي رهي آهي. حڪومت طرفان 527 ارب روپين جي ٽريزري بلز ج?? ادائيگي سان ننڍي مدي واري قرضن جي ڳاڻٽي ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي. حڪومت قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي 310 ارب روپين ج?? ادائيگي ڪئي. جولاءِ 2019ع کان هن وقت تائين حڪومت 2 هزار روپيا قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ ک?? ادا ڪيا. اقتصادي سروي موجب ٻاهرين قرضن جي مد ۾ آءِ ايم ايف جي ستين ۽ اٺين جائزي تحت 1166 مل??ن ڊالر وصول ڪيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 1500 مل??ن ڊالر ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ بئنڪ کان 500 مل??ن ڊالر وصول ٿيا. ان کانسواءِ پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن کان 1900 مل??ن ڊالرن جو قرض به ري فن??نس ٿيو. حڪومت چين طرفان 3 ارب ۽ سعودي عرب طرفان به 3 ارب ڊالر رول اوور ڪرايا جيڪي بجيٽ س??ور?? لاءِ استعمال ۾ آندا ويا. سعودي عرب طرفان 900 مل??ن ڊالر تيل جي صورت ۾ ڏنا ويا. حڪومت 5541 مل??ن ڊالر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾4541 مل??ن ڊالر بئنڪن ۽ 1000 مل??ن ڊالر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا آهن.