اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) آ??ين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي ??ار??يامينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ قومي اسيمبلي جي ڊپ??ي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪنوينشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپ??ي اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آ??ين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ توهان جي شرڪت اسان جي لاءِ خوشي جوڳي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا، ڀائيچاري، تاريخ جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. پاڪستان کي سعودي عرب جي پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي هجڻ تي فخر آهي. پاڪستان جي ??ار??يامينٽ ۽ عوام سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان گهري وابستگي رکن ٿا. هن چيو ته پاڪ سعودي ??ار??ياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ ??ار??ياماني سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پاڪستان جي اتر??ين علائقن کي الله تعاليٰ تمام گهڻي خوبصورتي سان نوازيو آهي. خواهش آهي ته سعودي ڀائر پنهنجي فيمليز سان گڏ پاڪستان جي اتر??ين علائقن جي سير ڪن. سعودي ??ار??يامينٽ جي چيئرمين چيو ته هو پاڪستان کي پنهنجو گهر تص??ر ڪري ٿو. پاڪستان جي عوام کان ملندڙ محبت سدا??ين ياد رهندي. سعودي عرب پاڪستان جو ڏک سک جو دوست آهي جيڪو هر مشڪل گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل رهي ٿو. پاڪستان جي سمورن صوبن جي عوام انتهائي محبت ڪندڙ عوام آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن. ??ار??ياماني سطح تي رابطن جو فروغ ضروري آهي. سعودي ??ار??ياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ مٽاسٽا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.