اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو ??ي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، پينشن ريفارمز کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، تخليقي طريقيڪار اختيار ڪندي پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي، اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي جڏهن ته وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ وفاقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ 9 جون 2023ع تي پيش ڪئي ويندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ جي تياري جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ معا??ي ٽيم پاران وزي??اع??م کي بجيٽ جي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته آمدني ۽ اوڳاڙين جي حوالي سان هن سال جي نظرثاني ٿيل ۽ ايندڙ سال جي ٽارگيٽيڊ ڪاٿي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته عام ماڻهو جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهو ??ي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته وچولي ۽ غريب طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. وزي??اع??م اطمينان جو اظهار ڪيو ته حڪومت جي وقت سر حڪمت عملي سان يوريا ڀاڻ جون قيمتون مسلسل گهٽ ٿي رهيون آهن جنهن سان نه رڳو آبادگار خوشحال ٿيندو پر ملڪ زرعي جنسن ۾ پاڻڀرائپ طرف وڌندو. وزي??اع??م ان ڳالهه تي پڻ خوشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين جي ڪري گذريل ٻن مهينن ۾ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ??رنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪيو ويو. ان کانسواءِ وزي??اع??م پينشن ريفارمز کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تخليقي طريقيڪار اختيار ڪندي هڪ پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي ته جيئن قومي خزاني تي بار گهٽ ڪري سگهجي ۽ پينشنرز جي بهترين ڀلائي کي ممڪن بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ وفاقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ 9 جون 2023ع تي پيش ڪئي ويندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستاني معيشت مالياتي استحڪام طرف گامزن آهي ۽ مالياتي خساري ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزي??اع??م جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزي??اع??م خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ملڪ احمد خان، طارق پاشا، طارق باجوه، عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبرن قيصر احمد شيخ، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.