اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته ڪوئيٽا ۾ قومي راندين جي مقابلن جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي، هي ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پ??غا?? ??هي ته پاڪستاني بهادر قوم مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هن پاڪستان جي 34 هين راندين جي قومي مقابلن جو افتتاح ڪيو، ڪوئيٽا ۾ 19 سالن کانپوءِ اهي رانديون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه ??هي ته انهن راندين جو افتتاح قائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ ڪيو هو ۽ اڄ مون کي بطور خادم پاڪستان انهن راندين جي شروعات ڪرڻ جو موقعو مليو، اڄ جو ڏينهن ان لاءِ به انتهائي اهميت رک??دڙ ??هي ته انهن راندين جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ مان آيل 6000 رانديگرن سان ڀريل ايوب اسٽيڊيم ستارن جي هڪ ڪهڪشان جو منظر پيش ڪري رهيو هو، مون کي اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي ته انهن مقابلن ۾ عورت رانديگرن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو ??هي ??يڪ?? ان ڳالهه جو ثبوت ??هي ته پاڪستان جون باصلاحيتون عورتون ڪنهن به ??يدان ۾ مردن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه آهن. هن چيو ته انهن راندين جو انعقاد ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پ??غا?? ??هي ته پاڪستاني قوم هڪ بهادر قوم ??هي جيڪا مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي.