اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقا??ون?? طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته رم??ان جي مقدس مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي ڀارت جي غيرقا??ون?? طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد رکڻ گهرجي. هن مقدس مهيني دوران به قابض ڀارتي عملدارن مذهبي آ??ادي تي پابنديون لڳائي رکيون آهن، گذريل هفتي قابض عملدارن ڪشميرين کي سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائ??گي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي طرح 27 رم??ان المبارڪ جي مقدس رات تي ملهائي ويندڙ شب قدر جي موقعي تي مسجدن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر هئي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين کي ختم ڪن جيڪي انهن کي آ??ادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.