اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان يمن ۾ امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ تازي ڳالهين ۽ سفارتي ڪوششن جي آجيا?? ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان سعودي عرب جو ڪردار، اومان ۽ گڏيل قومن جي يمن بابت خصوصي ايلچي جي ڪوششن ۾ سگهه جو سب?? آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته يمن جي بحران جي پرامن حل جي لاءِ سعودي ڪوششون وقت سر آهن ۽ ان سان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فر??غ ملندو. ??رج??ان چيو ته پاڪستان يمن جي بحران جي سياسي حل جي لاءِ ڳالهين ۽ مشاورت جي ذريعي پنهنجي اصول?? حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.