اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان يورپي يونين پاران پاڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان قدم سان مني لانڊرنگ جي خا??مي/ دهشتگردي جي مالي معاونت جي خا??مي ۾ فني مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اهو قدم نومبر 2022ع ۾ برطانيا جي پاڪستان کي اهڙي طرح جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چيو ته فهرست مان نڪرڻ سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ادارن جي وچ ۾ مالي ڏيتي ليت?? ۾ ??ساني ٿيندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان گڏيل ط??ر تي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ حصيدار ??لڪن سان اينٽي مني لانڊرنگ/ سي ايف ٽي حڪومتن جي اپ گريڊيشن ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جو منتظر آهي.