اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فر??ان السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري سعودي عرب ۽ ايران جي وچ م لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ بابت تازي ”ٽه ڌريي گڏيل بيان“ جي ذريعي اعلان ت?? سعودي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مثبت اڳڀرائي تي سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اهو معاهدو پوري خطي ۾ امن، سلامتي، واپار ۽ ترقي جي لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جي شروعات جي راهه ه??وار ڪندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو.