ڪراچي – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ??جا?? جي ثقافت پنهنجي بنياد ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ سگهاري ۽ متحرڪ آهي، هن سرزمين کي پ??جا?? انهي لاءِ چوندا آهن ته هتي 5 درياءَ پاڻ ۾ ملن ٿا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پ??جا?? جي ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پ??جا?? سميت پوري ملڪ جي عوام کي پ??جا?? جي ثقافت ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته ثقافت ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جو مضبوط ذريعو آهي، پنهنجي ثقافت کان ڌار ٿي جي??ندڙ شخص هجي يا قوم، اڌورا رهن ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ثقافتي گهرائپ اسان جي معاشري جي خوبصورتي ۽ طاقت آهي، جنهن کي وڌيڪ اتحاد ۽ مضبوط ??فاق پاڪستان جي لاءِ ملهائڻ گهرجي.