اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) واشنگٽن ڊي سي ۾ اعليٰ سطحي نيشنل پري??ر بريڪ فاسٽ منعقد ڪندڙ اداري پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي نوجوان ۽ متحرڪ پرڏيهي وزير طور تسليم ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي نيشنل پري??ر بريڪ فاسٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هُئي جٿي هُن اهم مقرر جي حيثيت سان خطاب ڪيو، ناشتي ۾ آمريڪا ۽ سڄي دنيا مان 1400 کان وڌيڪ مهمانن شرڪت ڪئي، تقريب جو اهتمام ڪندڙ فائونڊيشن پرڏيهي وزير کي هڪ نوجوان ۽ متحرڪ پرڏيهي وزير طور تسليم ڪيو. نيشنل پري??ر بريڪ فاسٽ هڪ اعليٰ سطحي ايونٽ آهي، جيڪو 1953ع کان هر سال منعقد ٿئي ٿو جيڪو عقيدي ۽ جمهوريت جي اهميت تي اهم زور سان گڏ موجوده مسئلن تي ڳالهه ٻوله?? جي لاءِ آمريڪي ۽ عالمي اڳواڻن کي پليٽ ف??رم مهيا ڪري ٿو. هن سال جي ايونٽ ۾ اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله ٻه پڻ شرڪت ڪئي.