اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ملڪ کي پر??جيڪٽ عمران کان پاڪ ڪرڻ آهي، ملڪ کي سڀ کان وڏي فارن ايجنٽ، فتني ۽ مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريو، سدائين ملڪ ۽ معيشت کي مشڪلاتن مان ڪڍيو آهي، عمران پر??جيڪٽ ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻي طرف ڌڪيو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي، معاشي تباهي ۽ سياسي عدم استحڪام عمران پر??جيڪٽ جي ڪري آ??ي. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??سل?? ليگ (ن) 2018ع ۾ ملڪ کي تاريخي معاشي استحڪام ۽ عوام کي سستي ماني، کنڊ، اٽو، بجلي، گئس، پيٽرول، نوجوانن کي روزگار، ملڪ کي ترقي، سي پيڪ، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ۽ دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ڏئي وئي هئي. ??سل?? ليگ (ن) ملڪ کي تاريخي 6.2 سيڪڙو تي رکي ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪري ڏئي وئي هئي. هن چيو ته 4 سالن ۾ عمران پر??جيڪٽ ملڪ جو معاشي ڏيوالپڻو ڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، ملڪ کي دهشتگردي ڏني، ترقي روڪي ڇڏي. وفاقي وزير چيو ته عمران پر??جيڪٽ 4 سالا عوام کي غربت، مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسڻ، اٽو، کنڊ، داليون ۽ تيل مهانگو ڪيو، اڄ ملڪ ۾ ماني مهانگي آ??ي ته عمران پر??جيڪٽ جي ڪري اڄ سخت شرطن وارو آءِ ايم ايف جو پروگرام عمران پر??جيڪٽ جو عوام کي ڏنل تحفو آهي، 4 سال عمران فارن فنڊيڊ پر??جيڪٽ ملڪ جي پرڏيهي لاڳاپن کي تباهه ڪري عالمي سطح تي اڪيلو ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگي بجلي ۽ گئس عمران پر??جيڪٽ جي ڪري آ??ي، 4 سال تباهي مچائي مهانگائي جو طوفان آڻي اڄ اليڪشن اليڪشن جي رٽ لڳائي ويو هوندو. عمران خان 2018ع ۾ ملڪ تي مڙهڻ واري اليڪشن جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، اليڪشن وڙهي نه ٿو سگهي.