استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان سان گڏ پاڪ بحريه جي ل??ءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو جيڪو پاڪ – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ اهم سنگ ميل رکندڙ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا تاريخي ل??ڳاپا آهن جيڪي گذرندڙ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ??رقي جو سفر جاري رکندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر رجب طيب اردوان جي ??عوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي ??وري تي آهي. استنبول شپ يارڊ ۾ پي اين ايس خيبر لانچنگ تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين پڻ موجود هئا. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻئي گهر ترڪيه جو ٻيهر دورو ڪرڻ تي خوش آهيان، اڄ جو ڏينهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ل??ڳاپن ۾ عظيم ڏينهن آهي، ??اڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا تاريخي ل??ڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ترڪيه هر عالمي فورم تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته صدر رجب طيب اردوان هڪ دورانديش اڳواڻ آهي، ان جي قيادت ۾ ترڪيه جديد فلاحي رياست بڻجي چڪو آهي، ترڪيه جي ڏورانهن علائقن ۾ سموريون بنيادي سهولتون ميسر آهن. وزيراعظم چيو ته ت??ها?? امن سان رهڻ چاهيو ٿا ته ت??ها?? کي جنگ جي ل??ءِ به تيار رهڻو پوندو، اڄ دنيا کي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڪڻۡ برآمد معاهدي ۾ ترڪيه جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪ – ترڪيه لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي به توانائي جي کوٽ درپيش آهي، ??اڪستان قابل تجديد توانائي ۽ توانائي جي ??ستي ذريعن جي ل??ءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن ترڪيه جي ??يڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??عوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي قابل تجديد توانائي ذريعا حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ??ئي ملڪ آلودگي ۾ گهٽتائي جي ل??ءِ به گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي گذريل ڏينهن ۾ بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، ترڪيه پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، ترڪيه مان 15 جهاز امدادي سامان کڻي پهتا، ماضي ۾ به مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪيه پاڪستان جي مدد ڪئي، ??اڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ??رقي جو سفر جاري رکندا. وزيراعظم جهاز جي ??ياري ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان خطاب ڪندي چيو ته پاڪ – ترڪيه ماهر ملجم منصوبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ترڪيه پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون گڏيل لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، ??اڪستان ۽ ترڪيه دهشتگردي جي ??اتمي ل??ءِ متحد آهن، دهشتگردن جي ??لاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي گامزن آهن. دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير اسرار ترين چيو ته پي اين ايس خيبر جي ل??نچنگ تقريب خوش آئنده آهي، ??اڪ – ترڪيه تعاون سان دفاعي ل??ڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پي اين ايس خيبر سان پاڪ بحريه جي ??فاعي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته صنعتي ڍانچي جي مضبوط ٿيڻ سان پاڪ – ترڪيه واپاري ل??ڳاپن کي پڻ فروغ ملندو. هن چيو ته اسان دهشگردي سميت سمورن درپيش چئليجز کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ گڏ بيٺل آهيون، ترڪيه ڪشمير مسئلي تي سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪ بحريه جي ??ربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط دفاعي ل??ڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهيا آهن، ٽئين پي اين ايس خيبر جي ل??نچنگ سان پاڪستان جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو، سامونڊي دفاع تي معاونت تي ترڪيه جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي ??يثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي ل??ءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي ل??نچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز پي اين ايس بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو.