اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري دين?? عالم جامعه دارالعلوم ڪراچي جي صدر مفتي رفيع عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علمي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چي?? ته هن فقه، حديث ۽ تفسير جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتو?? سرانجام ڏنيون، مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علمي خدمتن کي يا?? رکيو ويندو. صدر مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.