اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اڳوڻو دور ميڊيا جي لاءِ ڪارو ترين دور هو، گذريل دور ۾ ميڊي اتي پابنديون هنيون ويون، صحافين جا قلم ٽوڙيا ويا، انهن جا هلندي پروگرام بند ڪيا ويا، مري جي سيا??ي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي صدر سڌير احمد عباسي جي قيادت ۾ مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت، مري پريس ڪلب ۽ صحافين کي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير چيو ته مري ملڪ جو ناليوارو سياحتي هل اسٽيشن آهي جتي سڄي ملڪ مان پورو سال لکين سياح سير جي لاءِ اچن ٿا، مقامي صحافي پنهنجي قلم ۽ ڪئميرا جي ذريعي پاڪستان خاص طور تي سڄي دنيا ۾ مري جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته مري پريس ڪلب جي ايڪريڊيٽيشن تي فوري ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته مري جي سيا??ي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ خصوصي قدم کڻندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مري پريس ڪلب جي وفد چيو ته مري ۾ ٽي هزار جي لڳ ڀڳ واپاري آهن جن کي سدائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي ڪاروباري موقعا ۽ سازگار ماحول فراهمڪيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي، هن مريءَ ۾سياحت جي فروغ لاءِ عملي قدم کنيا. مري پريس ڪلب جي وفد اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا مري پريس ڪلب جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.