کپرو-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف سانگهڙ ضلعي جي ش??ر کپرو جو دؤرو ڪيو ۽ اتي ڊئنش ايمرجنسي مئنجمينٽ (ڊي اي ايم اي) طرفان برسات ۽ ٻوڏ متا??رن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ نصب ٿيل پلانٽ جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي کيس ڊي اي ايم اي اختيارن طرفان پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جي نظام جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي ۽ ان پروگرام جي اهم خاصيتن جو تعارف ڪرايو و??و. کيس ٻُڌايو و??و ته برسات جي بيٺل پاڻيءَ کي جديد مشينري ذريعي صاف شفاف بڻايو و??ندو آهي ۽ بعد ۾ مختلف ٿانون ۾ پيڪ ڪري متا??رن کي فراهم ڪيو و??ندو آهي. کيس ٻُڌايو و??و ته اٽڪل هڪ لک ليٽر صاف پاڻي رستن ۽ ڪيمپن ۾ ترسيل برسات ۽ ٻوڏ متا??رن کي فراهم ڪيو و??و آهي ته جيئن اهي ڪالرا، گيسٽرو، ڊائريا ۽ چمڙيءَ سميت پاڻيءَ سبب پيدا ٿيندڙ مختلف بيمارين کان پاڻ کي بچائي سگهن. ان موقعي تي ”اي پي پي“ سان خصوصي طور ڳالهائيندي ڊئنمارڪ جي سفير چيو ته ڊئنمارڪ جي حڪومت گ??يل قومن، يورپي يونين ۽ ٻين عالمي غير سرڪاري تنظيمن کي فنڊ فراهم ڪرڻ کان علاوه کپرو ۾ برسات ۽ ٻوڏ متا??رن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ واٽر پيوريفڪيشن پلانٽ نصب ڪيو آهي ۽ اهو پلانٽ ڊئنش ايمرجنسي مئنجمينٽ ايجنسي طرفان هلايو پيو وڃي، جنهن مان اٽڪل هڪ لک لٽر پاڻي صاف ڪري علائقي واسين کي فراهم ڪيو و??و آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊي اي ايم اي سنڌ ۾ نه رڳو اهو پلانٽ نصب ڪيو آهي پر گ??يل قومن ۽ يورپي يونين ذريعي به ماڻهن جي امداد ڪري رهي آهي. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني نقصان تي متاثر خاندانن سان افسوس جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊئنمارڪ جي حڪومت مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي عوام کي امداد فراهم ڪندي رهندي. هن چيو ته شديد برساتن ۽ ٻوڏ پاڪستان ۾ تباهي پکيڙي آهي ۽ بنيادي ڍانچو پڻ سخت متاثر ٿيو آهي. اکان اڳ هن کپرو جي واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ نصب ڪيل پيورويفڪيشن پلانٽ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڊي اي ايم اي جي نمائندن کيس پلانٽ بابت بريفنگ ڏني. بعد ۾ جيڪب لينولف اتي متا??رن جي ڪيمپ جو دؤرو ڪيو ۽ ٻارن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جون بوتلون، بسڪيٽس، چاڪليٽ ۽ ٻيون کائڻ پيئڻ جو شيون ورهايون. ان موقعي تي مس ماريه، ايرڪ، سي اي او مرسڪ وجيهه الدين احمد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پي ڊي ايم اي نعيم سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.