اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتيرس ٻوڏ جي تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عو??م سان گهري همدردي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان. اسلام آباد اچڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل چيو ته آئُون ٻوڏ متاثرين س??ن يڪجهتي جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري ??ي پاڪستان پهتو آهيان، پنهنجي دوري ??وران ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ۽ متاثرين س??ن ملاقات ڪندس. گڏيل قومن جو سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتيرس دوري ??وران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ان پڻ ملاقات ڪندو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??و ٻوڏ متاثرين س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پهچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن استقبال ڪيو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.