اسلام آبا?? – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي لنگهه قائم ڪرڻ سميت مسلس?? مدد ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي لنگهه قائم ڪرڻ سميت ٻوڏ سٽيلن جي مسلس?? مدد جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت جا خصوصي ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم چيو ته آئُون يو اي اي ريڊ ڪريسنٽ جا پڻ ٿورا مڃ??ن ٿو جنهن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪوششن ۾ مدد جي لاءِ عطيو مهم شروع ڪئي آهي.