اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي سنگين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا، پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل لاڳاپن ۾ تعميري ۽ پائيدار رابطن جي ضرو??ت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري پڌرائي موجب پ??ڪس??ان جي دوري تي ايل ڪانگريس وومن شيلا جيڪسن لي جي قيادت ۾ آمريڪي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪانگريس مين ٿامس سوزي ۽ آل گرين شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي نازڪ صورتحال پ??ڪس??ان جي دوري کي س??را??يندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير دوران سنگين چئلينجز درپيش هوندا جن جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا ۽ عزم جي ضرو??ت آهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري پ??را?? مسلسل حمايت، يڪجهتي ۽ امداد اهم آهي. وزيراعظم پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موجود لاڳاپن م بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري ۽ پائيدار ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل هجن. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ڪاربن جي سڀ کان گهٽ اخراج واري ملڪن ۾ شامل هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي آبهوا کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي جنهن ۾ اسرندڙ دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اڳڪٿي موجب وسيلن جي فراهمي پڻ شامل آهي. وزيراعظم آمريڪا پ??را?? ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراهم ڪيل امداد کي س??را??يندي چيو ته ڪانگريس جي وفد جو پ??ڪس??ان جي دوري ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني جي حوالي سان عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ ۽ وڌ کان وڌ امداد کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. واضح رهي ته ڪانگريس جو ٽي رڪني وفد 4 سيپٽمبر کان پ??ڪس??ان جي دوري تي آهي. وفد ان دوران سنڌ جو دورو ڪيو ته جيئن نقصانن ۽ متاثرين جي تڪليفن جو جائزو وٺي سگهجي. وفد ان دوران اهم ڌرين سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن متاثرين جي بحالي جي ڪوششن ۾ مدد جا طريقا ڳولي سگهجن. ڪانگريس وومين شيلا جيڪسن لي ٻوڏ متاثرين خاص طور تي پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويندڙن جي لاءِ گهري همدردي جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن کي س??را??يو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پ??ڪس??اني قوم ان آفت کي عزم ۽ همت سان منهن ڏيندي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته آمريڪي ڪانگريس ۽ انتظاميا ان وڏي چئلينج ۾ پ??ڪس??ان سان گڏ بيٺل رهندي ۽ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نئين سر تعمير ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪندي.