گلگت – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدمن جي مذمت لاءِ اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ وانگر گلگت بل??ست??ن جي سمورن ضلعن ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. گلگت بل??ست??ن حڪومت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف تقريبن جو خصوصي اهتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي گلگت بل??ست??ن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا ماڻهو ڀرپور شرڪت ڪندا. ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ٿ??ند?? پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندا ته پا??ست??ني عوام خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فورسز جي ظلمن خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. ان موقعي تي سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻ??ن تقريبن جو اهتمام ڪيو آهي. واضح رهي ته مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي آئين جي شق 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو جنهن تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.