اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ش??گردن تي زور ڏنو آهي ته اهي علم جي قيمتي آن لائين ذخيري کي استعمال ڪندي پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن، اعليٰ تعليمي ادارن کي فنون لطيفه ۽ ادب جي ش??بي ۾ تعليم جي ذريعي امن، ڀلائي ۽ جامعيت جي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي دوري ۽ فيڪلٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اطهر عطا ۽ فيڪلٽي سربراهن شرڪت ڪئي. يونيورسٽي جي فيڪلٽي کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ??نون لطيفه ۽ ادبيات جي گريجويٽس جي مارڪيٽ ۾ قدر ۽ طلب جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ مارڪيٽ سروي جي ضرورت آهي، فنون لطيفه ۽ فلسفي جو مطالعو هڪ ٺوس ۽ متوازن انساني ش??صيت جي جوڙجڪ ۾ مدد ڏي ٿو. صدر چيو ته ??نون لطيفه، ادبيات ۽ فلسفي جي ش??بن ۾ پڻ تعليم کي هڪ جهڙي اهميت ڏيڻ گهرجي، استاد فارغ التحصيل شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي باعزت روزي ڪمائڻ جي قابل بڻائين. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??فاقي اردو يونيورستي کي ملڪ ۾ فنون لطيفه ۽ ادب جي فروغ جي لاءِ هڪ مثالي ادارو بڻائين، بصارت ۽ جسماني طور تي معذور شاگردن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ٻين شاگردن سان گڏ داخلا ڏيڻ گهرجي، خصوصي ش??گردن جي لاءِ استادن کي تربيت پڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اهي انهن جي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. صدر چيو ته خصوصي تعليم جو مقصد رڳو شاگردن کي هنر ۽ تعليم ڏيڻ نه آهي پر ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. صدر اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۽ نجي ش??بي ۾ تعاون ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏيندي چيو ته شاگردن کي عملي تجربو ڏيڻ سان انهن کي لاڳاپيل شعبن ۾ مارڪيٽ ضرورتون سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اعليٰ تعليمي ڪميشن (ايڇ اي سي) ڪورسيرا جي مدد سان شاگردن ۽ استادن کي مختلف شعبن ۾ 4 هزار مفت ڪورسز تائين پهچ فراهم ڪئي آهي. ان کان اڳ اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ۽ ان جي مسلسل رهنمائي ۽ تعاون تي صدر جا ٿورا مڃيا. صدر وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي ته ??و فيڪلٽي کي ريگيولر ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري. بعد ۾ صدر يونيورسٽي جي مختلف تعليمي بلاڪس جو دورو ڪيو ۽ چوماسي جي وڻڪاري جي حوالي سان ٻوٽو پڻ لڳايو.