اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??رڪ??ءَ دوستي ۽ محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، مذهبي ۽ ثقافتي ??شتن ۾ ٻڌل آهن، ??رڪ??ءَ جو پاڪستان جي هر شعبي ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي جي لاءِ محبت جو اظهار آهي. اها ڳالهه اي پي پي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ??طلاعات واري وفاقي وزير ??رڪ??ءَ جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل سان گڏ ربن ڪاٽي منصوبي جو افتتاح ڪيو جيڪو ??رڪ?? جي تعاون ۽ رابطن واري اداري (تيڪا) جي تعاون سان اپ گريڊ ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ي پي پي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن هڪ اهڙو قدم آهي جنهن جا وسيع ۽ پئماني تي ڏورس اثر پوندا. ان قدم سان يقيني طور تي ??ي پي پي اردو نيوز سروس جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، هي هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو اڄ اي پي پي جي پهچ کي وڌائڻ جي حوالي س??ن حاصل ڪيو آهي. مريم اورنگزيب صحت، تعليم ۽ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ منصوبن جي شروع ڪرڻ تي ??رڪ حڪومت جي ڪردار کي س??راهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??رڪ??ءَ جي سفير جي پاڪستان ۾ خدمتن کي س??راهيندي چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان ۾ پنهنجو وقت گذاريو ۽ رابطا قائم ڪيا، اسان سندس قدمن کي س??ائين ياد رکنداسين. هو پاڪستان جو هڪ عظيم دوست آهي. هن چيو ته ??رڪ سفير اي پي پي جي لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اي پي پي جي 43 ملڪن سان خبرن جي مٽاسٽا جا معاهدا موجود آهن. مريم اورنگزيب نيوز آپريشنز کي اپ گريڊ ڪرڻ ۾ اي پي پي انتظاميا جي ڪردار کي س??راهيندي چيو ته ??ن سان پوري دنيا ۾ اي پي پي جي پهچ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ان کان اڳ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي اي پي پي جي اپ گريڊيشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي معاملن ۽ نئين قدمن جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪ سفير کي سووينيئر پڻ پيش ڪيو. ان کان اڳ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير، اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ۽ ٻين سينيئر آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ??رڪ??ءَ جي سفير جو اي پي پي هيڊڪوارٽر اچڻ تي ??ستقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اطلاعات واري وزارت جو سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ارشد منير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.