اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جي تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم اها هدايت آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب کانسواءِ ??زي??اعظم جو خاص معاون فهد حسين پڻ موجود هو. اي پي اين ايس جي صدر سرمد علي جي قيادت ۾ وفد ۾ سيڪريٽري جنرل ناز آفرين، سهگل لاکاڻي، سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي، جميل اطهر، شهاب زبيري، محترمه رميزه نظامي، عمر مجيب شامي، امتنان شاهد، ممتاز طاهر، مح??ن بلال، اويس خوشنود، وسيم احمد، منير گيلاني ۽ همايون گوهر پڻ شامل هئا. ??زي??اعظم ان موقعي تي اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ۽ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جون تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم پي ٽي آءِ دور جي اخبارن ۽ تشهيري ڪمپنين جون حڪومتي رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. ??زي??اعظم چيو ته هو سياسي انتقام ?? يقين نه ٿو رکي ڇو ته ان سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ??زي??اعظم وفد کي خ??طر?? ڪرائي ته مهانگائي جي تناسب سان تشهيري اگهه ۾ مناسب اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ اخباري صنعت تي ڪو نئون ٽيڪس يا ڊيوٽي نه لڳائينداسين ۽ اخباري صنعت کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اضافي ريليف پڻ فراهم ڪنداسين.